لاهور – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ پا??ٽي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو، حڪومتي ڪوششن سان م??انگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان م??لڪ کي فائدو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صوفي بزرگ حضرت ميان م??ر رحمت الله عليه جي درٻار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي چادر چاڙهي. ان م??قعي تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هڪ پا??ٽي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته ح??ومتي ڪوششن سان م??انگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان نه رڳو عوام کي ريليف ملندو پر ملڪي خزاني کي پڻ فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف پاران م??ڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن ڪوششن سان پا??ستان جلد ئي هر ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺندو.