اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪرپشن جي روڪٿام جو عالمي ڏھاڙو 9 ڊسمبر تي ملھايو ويندو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد سڄي دنيا مان ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا ۽ معاشري تي ڪ??پشن جي خراب اثرن سبب آگاھي پيدا ڪرڻ آھي. پھريون ??رل?? اينٽي ڪ??پشن ڊي 9 ڊسمبر 2004ع تي ميڪسيڪو ۾ ملھايو ويو ھو جنھن کانپوءِ ھر سال ڪرپشن خلاف جنگ جي عزم جي نئين سر تجديد لاءِ سڄي دنيا ۾ اھو ڏينھن ملھايو ويندو آھي ته ??يئن معاشري کي ڪ??پشن کان پاڪ ڪرڻ جي عزم کي ھٿي ڏيڻ سان گڏو گڏ ڪرپشن جي مڪمل روڪٿام کي يقيني بڻائي سگھجي. ڪرپشن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سرڪاري، خانگي ۽ فلاحي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون، پروگرام ۽ واڪ منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته ??ليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي خاص پروگرام نشر ۽ مواد شايع پڻ ڪيو ويندو.