اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري ??فا??ي وزير عبدالعليم خان اين ايڇ اي کي سمورين موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ لاءِ سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي پلان جي تياري جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان موجب اهي هدايتون هن پنهنجي صدارت هيٺ منعقد اجلاس دوران جاري ڪيون. ??فا??ي وزير چيو ته حادثن ۾ ريسڪيو لاءِ چئني صوبن ۾ هيلي ڪاپٽر سروس ۽ فوري رليف ملڻ گهرجي، شهرين جون زندگيون بچائڻ اولين ترجيح آهي، 1122 جي طرز تي فوري ايمبولينس فراهم ڪريو. ??فا??ي وزير هدايت ڪئي ته نيش??ل هاءِ وي اٿارٽي ڪراچي کان پشاور تائين ۽ بلوچستان لاءِ ايمرجنسي سروسز سينٽرن جي نشاندهي ڪري ۽ ايندڙ هڪ هفتي دوران ان سلسلي ۾ هنگامي پلان تيار ڪري. اجلاس ۾ سمورين شاهراهن تي ايڪسل لوڊ جي پابندي يقيني بڻائڻ ۽ ڏنڊ ۾ هڪ هزار سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪ??و ويو. ??فا??ي وزير هدايت ڪئي ته مروجه وزن کان وڌيڪ لوڊ لاءِ زيرو ٽالرنس اختيار ڪريو، ڪا به نرمي نه ڪئي وڃي. ??فا??ي وزير هدايت ڪئي ته نيش??ل هاءِ وي اٿارٽي لاهور سيالڪوٽ موٽر وي جي طرز تي سمورين شاهراهن کي بيريئرز فري ڪري. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوامي آگاهي لاءِ موثر ميڊيا مهم شروع ڪئي وڃي. موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي سفر ڪندڙ سمورن ماڻهن جون زندگيون انتهائي عزيز آهن، قومي شاهراهن تي حادثن جو سبب بڻجندڙ سمورين گاڏين خلاف قدم کنيا وڃن. ??فا??ي وزير چيو ته سفر کي وڌيڪ محفوظ بڻايو ۽ پيٽرولنگ کان محروم علائقن ۾ موٽر وي پوليس فوري پيٽرولنگ جو آغاز ڪري. اجلاس ۾ حيدرآباد، سکر موٽر وي جي تعمير تي مختلف آپشنز جي حوالي سان غور ۽ ويچار ۽ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، سيالڪوٽ کان کاريان موٽر وي جي تعمير جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ تجويزون تي غور ڪ??و ويو. مواصلات واري ??فا??ي سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي چيئرمين اجلاس کي مختلف اداره جاتي معاملن ۽ هلندڙ منصوبن تي تفصيلي ??ري??نگ ڏني.