اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪ??سم?? جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه اقليتن جي حقن جو تحفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي ??اڪ??تان جا قابل فخر برابر شهري آهن، ??اڪ??تان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ??اڪ??تان کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻو آهي، تحريڪ ??اڪ??تان ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ مسيحي برادري جو نمايان ڪردار رهيو آهي. هو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڪ??سم?? جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ خطاب ڪيو ۽ بشپ ڊاڪٽر جوزف اشرف ڪ??سم?? جو پيغام پڙهي ٻڌايو، مسيحي ٻارن ڪ??سم?? جا نغما پيش ڪيا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ مسيحي برادري کي ڪ??سم?? جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو جنهن جو قرآن پاڪ ۾ واضح ذڪر آهي ۽ هو الله جو پيغمبر آهي، اڄ بدقسمتي سان حضرت عيسيٰ جي پيدائش واري جڳهه تي معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي، اسان کي هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري دنيا ۾ جتي به عيسائي رهن ٿا گڏجي فلسطين ۾ ان رت جي هوليءَ کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪرڻو آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو، سندس مشن جي فروغ جي لاءِ فلسطين ۾ جنگبندي وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۾ مسيحي برادري امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهي ??هي، انهن جون ??اڪ??تان قائم ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ تڪميل ??اڪ??تان ۾ اڄ تائين نمايان خدمتون آهن، تعليم ۽ صحت جي ميدان، سرڪاري ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ سندن خدمتن، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ سميت ??اڪ??تان جي لاءِ انهن جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي گڏجي امن، ترقي جي سفر کي فر??غ ڏيڻ جو عزم ڪرڻو آهي، فرق جو خاتمو ڪرڻو آهي، پنهنجي پنهنجي جذبن کي ضابطي ۾ رکي برداشت ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو آهي، اقليتن جي حقن جو خيال رکڻ جو عزم ڪرڻو آهي، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻو آهي ??ه جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي ??اڪ??تان جو باوقار شهري سمجهن. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي ??اڪ??تان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ان پيغام کي هر جڳهه ڦهلائڻ گهرجي ته ??اڪ??تان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي قائد جي ??اڪ??تان کي عظيم تر بڻائڻو آهي. هن چيو ته اڄ باني ??اڪ??تان قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ پيدائش جو ڏهاڙو آهي، ان جي ڪري به ان ڏينهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته باباءِ قوم جو اقليتن جي حوالي سان اهو بيان اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ??ه اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي ??اڪ??تان جا برابر قابل فخر شهري آهن، انهن جي ڀلائي ۽ ترقي اسان جي ايجنڊا جو بنيادي نقطو آهي. وزيراعظم ??اڪ??تان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي يقين ڏياريو ته توهان جو تحفظ ڀلائي، خوشحالي ۽ ترقي اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان اها ذميواري ڀرپور طريقي سان ادا ڪندا رهنداسين. هن ان موقعي تي ڪ??سم?? نغمو پيش ڪندڙ ٻارن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ڪ??سم?? جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ ڪ??سم?? نغمو پيش ڪندڙ ٻارن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.