اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ن??ڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀ??ئيوار ۽ پاڪستاني روانگي واپار جي حوالي سان اهم ملڪ آهي.هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار جي شعبن ۾ اڳڀرائي ج?? جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀائيواريءَ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀ??ئيوار ۽ روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي. ن??ڻي واري وزير ۽ سفير اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروباري رٿائن ۽ معاشي سهڪار جي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو عزم ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. ن??ڻي واري وزير آمريڪا ۾ رهندڙن پاڪستانين کي سيڙپڪاري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا ۾ موجود ڀائيوارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رکيو وڃي ته ج??ئن پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت ۾ سيڙپڪاري ج?? همٿ افزائي ڪري سگهجي.