اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جو اج??اس ٿيو جنهن ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي اسلام آباد ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان م??جب اج??اس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، نوجوانن جي معاملن واري وزير راڻا مشهود احمد، پرڏيهي سي??ريٽري ۽ تعليم واري سي??ريٽري شرڪت ڪئي.