اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيد??ن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب فهرستن جي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهر??ن جنوري ۽ پهر??ن جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيد??ن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پاڪستاني قيد??ن جي فهرست پاڪستاني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ مجموعي طور تي 462 پاڪستاني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ج??ا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪري ۽ وطن واپ?? موڪلي جن پنهنجي سزا پوري ڪري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستان??ن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پاڪستان وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ??ن جي 38 گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.