اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آئي سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ا??راهيم طحهٰ (اڄ) جمعي تي اسلام آباد ۾ ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪندو. هو پاڪستان سميت مختلف او آئي سي ملڪن لاءِ منصوبن جو اع??ان ۽ او آئي سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن کي پڻ خطاب ڪندو. تقريب ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پرڏيهي سيڪريٽري، سفير، وائيس چانس??رز ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا.