اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر محمد اڪر?? شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪر?? شهيد اوڀر پاڪستان ۾ وڙهندي جرئت ۽ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو، قو?? پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ميجر محمد اڪر?? شهيد (نشان حيدر) دشمن جي عددي برتري جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڄمي مقابلو ڪيو. ميجر محمد اڪر?? شهيد فرض شناسي ۽ وطن سان وچن وفا جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قو?? کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وطن جي خا??ر پنهنجي جانين جا نذرانا پي?? ڪندڙ وطن جي عظيم فرزندن جي لاءِ پوري قو?? جا عقيدت جا جذبا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قو?? پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي وطن جي دفاع لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.