اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪو نئون ??يڪس ناهي لڳايو، 1600 کاڌي پيتي جي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 10 ود ??ولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، صحت جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي وئي آه??، اين ايف سي ايوارڊ جا فنڊز نه ٿا روڪي سگهجن، ٽيڪس فري بجيٽ، صحت ۽ تعليم ۾ اضافي، م??لي امداد جي پئڪيج ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ وقت سر فيصلاسازي تمام گهڻي اهميت رکي ٿ??، اسان کي پنهنجي وسيلن موجب اڳتي وڌڻو آه??، امير ملڪن جا وسيلا وڌيڪ آهن، اهي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ رهي سگهن ٿا، اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ م??لي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته سينيٽ ميمبرن، ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو جن بجيٽ جي حو??لي سان سفارشون ڏنيون آهن، عوام هن بجيٽ ۾ اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته پارٽي مفادن کان مٿانهون ??ي بجيٽ ٺاهي وڃي ۽ سفارشون ڏنيون ??ڃن، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميمبرن جي سفارشن کي سنجيدگي سان وٺون، چيو ويو ته معيشت جي خراب حالت آه??، ائين نه آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون کان اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري خسارو ايترو خراب نه هو، پرائمري سرپلس پهريون ڀيرو ٿيو. 4800 ارب جي ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ جي حو??لي سان پرعزم هئاسين، فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ٻيڻي ٿ??، ايف بي آر پهرين کان وڌيڪ ري فنڊ ۽ ڪليمز ڏنا، ڪاروبار کي آسان بڻايو، ان حو??لي سان اسان جي عالمي درجابندي بهتر ٿ??، ايف اي ٽي ايف جي حو??لي سان 27 مان 14 نقطا پورا ڪيا، ڪورونا جي آفت سان پوري دنيا متاثر ٿ??، اسان جي معيشت کي به ان سان تمام گهڻو نقصان ٿيو.