اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذها??ت کي استعمال ۾ ??ڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ج?? فروغ سان ملڪ کي ترقي ج?? راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، زراعت پاڪستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، پاڪستان موجوده حڪومت جي د??نش??نداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو ??ڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪري صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوعي ذها??ت کي استعمال ۾ ??ڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي، اها ڊيٽا نئ??ن سون ۽ تيل آهي، اسان ان ڊيٽا جي تجزيه سان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.