اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورن مرضن بابت جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضر??رت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي ??ددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ت?? پاڪستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضر??رت آهي، هن چيو ت?? پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ٻين ڏک?? ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضر??رت آهي.