اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شرو??ات?? تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪانفرنس بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شرو??ات?? مرحلي ۾ سماجي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جنه?? جو مقصد ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق رکندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام گهڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ائين نه ڪري سگهندس جڏهن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارش?? جو منتظر آهي.