اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي کا?? ٿيندي، جنهن ??حت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ??حت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کا?? گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪ??ڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.