اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان ۽ چي?? سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پ??ڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چي??ي عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ چي?? جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آهن. نگران وزيراعظم چي?? جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چي?? ته چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پ??ڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چي??ي عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. چي?? جي سفير جي نگران وزيراعظم سان پاڪستان ۾ ب??ور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگران وزيراعظم چي??ي سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.