اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن ب??وچ??تان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، ب??وچ??تان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان ۽ سينيئر سياستدان فرح عظيم شاهه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت ب??وچ??تان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ب??وچ??تان جي ترقي ۽ ڀلائي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، ب??وچ??تان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي نامڪمل آهي. فرح عظيم شاهه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين جو اظهار ڪيو ۽ نگران حڪومت جي معاشي انتظامي پاليسين کي ساراهيو.