اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??ي پيڪ لکين پاڪستانين جي زندگين تي اڻمٽ مثبت اثر ڇڏيا آهن، چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطي جو فريم ورڪ آهي، سي پيڪ اسان جي عوام جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کوليون آهن، ٻئي ملڪ ان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، سي پيڪ سان نه رڳو چين ۽ پاڪس??ان کي فائدو ٿيندو پر ايران، افغانستان، وچ ايشيا سميت پوري خطي تي ان جا مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سي پيڪ اينڊ مائي لائيف“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي ??زير چيو ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪس??ان ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (??ي آر آئي) جو اهم جز آهي، 10 سال اڳ سي پيڪ جي پاڪس??ان ۾ گيم چينجر جي طور تي شروعات ٿي هئي جنهن لکين پاڪستانين جون زندگيون بدلائي ڇڏيون ۽ انهن تي اڻمٽ اثر ڇڏيا. هن چيو ته لاهور ۾ اورنج ٽرين، سنڌ ۾ ٿر ڪول ۽ بلوچس??ان ۾ گوادر جهڙن سي پيڪ منصوبن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي ??زير چيو ته چين ۽ پاڪس??ان آئرن برادرز آهن ۽ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن، حڪومت ان تعلق کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته هلندڙ مهيني چين ۾ اعليٰ قيادت جي ٿيندڙ ملاقاتن سان اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته ??ي پيڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پاڪس??ان کاڻين جي کوٽائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ وڌ کان وڌ ٻطرفي تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. پنهنجي چين جي تازي دوري جو حوالو ڏيندي نگران وفاقي ??زير چيو ته مون کي چين جي دوري دوران عوامي جمهوريه چين جي شاندار فني تر??ي بابت آگاهه ڪيو ويو. هن چيو ته چين جا ٿورائتا آهيون جو ان جي ڪري پاڪس??ان ترقي جي راهه تي گامزن آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين ۽ پاڪس??ان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (??ي آر آئي) ۽ چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطي جو فريم ورڪ آهي، سي پيڪ سان نه رڳو چين ۽ پاڪس??ان کي فائدو ٿيندو پر ايران، افغانستان، وچ ايشيائي رياستن سميت پوري خطي تي ان جا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ??ي پيڪ جنهن پاڪس??ان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ مدد ڪئي، ان اسان جي عوام جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کوليون آهن، ٻئي ملڪ ان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته ??ي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي حوالي سان تازن ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي تقريبون منعقد ٿيون آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ سي پيڪ ۽ ??ي آر آئي جي ٻين منصوبن بنيادي ڍانچي تي ڌيان ڏنو آهي. انهن منصوبن کي ماڻهن جي آمدني وڌائڻ ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافي جي لاءِ جوڙيو ويندو. هن چيو ته ??وڊ، ريل ۽ فضائي ٽرانسپورٽيشن جي بهتر نظام جي ذريعي جاگرافيائي رابطا وڌڻ سان ماڻهن سان ماڻهن تائين رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن کي فروغ ملندو جڏهن ته ڪاروبار جي وڌيڪ ڪاٿي جي نتيجي ۾ هم آهنگي ۽ پائيدار ترقي ??مڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) گلوبلائيزڊ دنيا ۾ اقتصادي ترقي طرف سفر آهي، اهو ”آئيڊيل امن ۽ ترقي سڀني جي لاءِ“ جي ماڊل تي ٻڌل آهي. هن چيو ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه اسان جي عوام جي لاءِ وڏي اميد آهي ته ??سان جي گڏيل معيشتن جي ترقي جي ذريعي امن ۽ ترقي حاصل ٿيندي.