اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ??يٿ??پيا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ ??يٿ??پيا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏي?? تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي و??ير چيو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صحيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ??يٿ??پيا جي سفير جمال بيڪر چيو ته ??يٿ??پيا جي عوام جي پاڪستان سان گهر?? وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي تعون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ??يٿ??پيا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ??يٿ??پيا جي سفير وفاقي و??ير کي ??يٿ??پيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مدد علي سنڌي چيو ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي و??ير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، و??ير چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.