بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ”بيلٽ ا??ينڊ روڊ“ تعاون منصوبابندي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عالمي تعاون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن. گذريل 10 سالن ۾ اقتصادي لنگهه جي تعمير جي سلسلي ۾ وڏن چئيلنجز ۽ انفارميشن هائي ويز کي اهميت ڏيندي ريلوي، رستن، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ پائيپ لائين نيٽ ورڪس جي ذريعي مختلف ملڪن جي وچ ۾ ??صن??عات، ??َرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ عملي جي وڏي پئماني تي گردش کي فروغ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ عالمي تعاون ??ابت ٽئين بيلٽ ا??نڊ روڊ فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”بيلٽ ا??نڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير، گڏيل ترقي ۽ فتح فتح تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏئي رهي آهي. اسان نظرياتي ڇڪتاڻ، جاگرافيائي سياسي گيمز، بلاڪ سياسي ڇڪتاڻ، هڪطرفي پابندين، معاشي ڏاڍ ۽ ”ڊي ڪپلنگ“ جو هرگز حصو نه آهيون. پنهنجي خطاب ۾ شي جن پنگ ”بيلٽ ا??نڊ روڊ“ جي اعليٰ معيار جي گڏيل تعمير جي حمايت جي لاءِ چين جي 8 قدمن جو اعلان ڪيو. انهن ۾ بيلٽ ا??نڊ روڊ جي لاءِ ٽه رخي رابطا نيٽ ورڪ جي تعمير، کليل ذهن تي ٻڌل عالمي معيشت جوڙڻ جي حمايت، ??ملي تعاون، ماحول دوست ترقي، سائنسي ۽ فني جدت طرازي، مختلف ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن، بدعنواني کان پاڪ رستي ۽ ”بيلٽ ا??ينڊ روڊ“ عالمي تعاون ??ي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. شي جن پنگ چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا پکڙجڻ کانپوءِ ”بيلٽ ا??نڊ روڊ“ زندگي ۽ صحت جو رستو بڻجي ويو آهي. چين مختلف ملڪن کي اربين ماسڪ ۽ ويڪسين جون 2 ارب 30 ڪروڙ خوراڪ فراهم ڪيون ??هن ۽ 20 کان وڌيڪ ملڪن سان ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو آهي، جنهن سان بيلٽ ا??نڊ روڊ سان واڳيل حصيدارن جي لاءِ وبا جي خلاف منفرد ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. چين ۾ وبا جي عروج تي ان کي 70 کان وڌيڪ ملڪن پاران قابل قدر مدد ملي. شي جن پنگ چيو ته اسان دل جي گهراين سان سمجهون ٿا ته رڳو گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون ??ان ئي اسان سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. 10 سالا تاريخ ثابت ڪيو آهي ته بيلٽ ا??نڊ روڊ جي گڏيل تعمير تاريخ جي صحيح چونڊ آهي ۽ زماني جي ترقي جي منطق جي عين موجب آهي.