اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ ڪا??بن ڪريڊٽس جي جوڙجڪ ۽ واپار جي لاءِ ٺوس پال??سي فريم ورڪ جوڙڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ڪا??ونسل جي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پ??ڪس??ان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارو فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي، ڪوپ – 28 ۾ پ??ڪس??ان جو موقف ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پ??ڪس??ان موسمياتي تبديلي ڪا??ونسل جو ٻيو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن احمد عرفان اسلم، شمشاد اختر، جليل عباس جيلاني، عمر سيف، ڪوثر عبدالملڪ، سميع سعيد، محمد علي، گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان، چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سول سوسائٽي، اين جي اوز، موسمياتي تبديلي جي عالمي ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪا??ونسل کي هلندڙ مهيني گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) ۾ پ??ڪس??ان جي شموليت، ايجنڊا ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گذريل اجلاسن ۾ مقرر ڪيل پ??ڪس??ان جي هدفن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي وئي. اجلاس کي تجويز ڏني وئي ته پ??ڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن ۽ سڄي دنيا ۾ پ??ڪس??ان جو ان حوالي سان ڪيس مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ سيل قائم ڪيو وڃي. وڌيڪ تجويز ڏني وئي ته سڄي ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان قدمن کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪا??ينا ڪميٽي ٺاهي وڃي. نگران وزيراعظم ٻنهي تجويزن سان اتفاق ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته پ??ڪس??ان ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان خطرن ۽ ان کان بچاءُ جي حڪومتي قدمن تي رپورٽ پڻ پيش ڪندو. اجلاس کي ڪانفرنس جي لاءِ پ??ڪس??ان پويلين قائم ڪرڻ ۽ اتي منعقد ٿيندڙ سرگرمين تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي پ??ڪس??ان جي ڪا??بن مارڪيٽس ۾ واپار جي لاءِ پال??سي گائيڊ لائينز تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته سمورن لاڳاپيل حڪومتي ۽ نجي ادارن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي مشاورت سان هڪ ٺوس پال??سي فريم ورڪ ٺاهيو پيو وڃي جنهن تي جلد عملدرآمد شروع ڪيو ويندو، ان تحت پ??ڪس??ان ۾ ڪا??بن مارڪيٽس ۾ ڪا??بن ڪريڊٽس جي واپار کي آسان ۽ ملڪ جي لاءِ ڪا??ائتو بڻائڻ جي لاءِ ان شعبي جي ماهرن جي نگراني ۾ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي پ??ڪس??ان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پ??ڪس??ان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ پ??ڪس??ان سرفهرست آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پ??ڪس??ان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پ??ڪس??ان ۽ ٻيا موسمياتي تبديلي کان متاثر اسرندڙ ملڪ انهن خطرن جو شڪار رڳو ترقي يافته ملڪن جي ڪري آهن، عالمي سطح تي اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلي کان خطرن کان بچاءُ جي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان آواز اٿاريندڙ پ??ڪس??ان جا سرگرم ماحولياتي ڪا??ڪن ان شعبي ۾ قدمن تي ساراهه جي لائق آهن. هن چيو ته صوبن جو موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچاءُ جي لاءِ وفاق سان تعاون ۽ انهن جا پنهنجا قدم به ساراهه جوڳا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته هلندڙ مهيني گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ پ??ڪس??ان ڀرپور طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪندو، موسمياتي تبديلي واري وزارت سمورين صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ موسمياتي تبديلي جي ماهرن جو وفد ڪوپ – 28 ۾ شرڪت جي لاءِ موڪليو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا فريم ورڪ تيار ڪيا وڃن، فريم ورڪ جي تياري ۾ اسڪالرز ۽ موسمياتي تبديلي جي ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته پ??ڪس??ان سڄي دنيا جي موسمياتي تبديلي کان متاثر ملڪن جي ڪيس کي ڀرپور طريقي سان عالمي دنيا آڏو رکندو. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت تحت پ??ڪس??ان موسمياتي تبديلي ڪا??ونسل مان ماهرن جي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي پ??ڪس??ان ۾ ڪا??بن ڪريڊٽس مارڪيٽ جي جوڙجڪ ۽ واپار جي لاءِ هڪ ٺوس پال??سي فريم ورڪ ٺاهڻ ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي قدمن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ڄاڻايل قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.