اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جديد دور جي پيش ايندڙ چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ??اڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ، نوجوانن جي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ جامع قدم وقت جي ضرورت آ??ي، ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم است??ڪا?? کي هوا ڏئي رهيو آ??ي، ڀارت ۾ اقليتن کي وڏيون مشڪل ۽ ڏکيون حالتون درپيش آهن، پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هو اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم چيو ته جديد دور ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان 24 ڪروڙ جي آبادي رکندڙ ??لڪ آ??ي، جنهن جي آبادي جو 65 سيڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر وارن جي آ??ي، انهن جون صلاحيتون معاشي طور تي استعمال ۾ آڻي سگهجن ٿيون. اسان پنهنجي انساني وسيلن جي ترقي ۽ هنرمندي جي تعليم ۾ پٺتي آهيون، جيتوڻيڪ صنعتي شعبو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??لڪي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??اڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آ??ي، جنهن کي معاشي طور تي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ انهن قدرتي وسيلن کي ملڪ جي لاءِ ڪاميابي ۾ آڻڻ جي ضرورت آ??ي، ان سان گڏ ترقي جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته جديد دور ۾ خطي ۾ رابطن ۽ لنگهن جي تمام وڏي اهميت آ??ي، ان سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ مستقل خطري طور اڀري سامهون اچي رهيو آ??ي، ان کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ ممڪن نه آ??ي، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت آ??ي، ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي قدم کڻڻا پوندا. عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم است??ڪا?? کي هوا ڏئي رهيو آ??ي، ڪشمير مسئلي کي سنجيده بنيادن تي حل ڪرڻ ضروري آهي. ڪشمير مسئلي بابت گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي حقن جو استحصال ڪيو پيو وڃي. انسانيت جو استحصال ڪندڙ ڀارت پاڻ کي ڪيئن وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ??لسطين ۾ معصوم ٻارن کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪير به 4 هزار 700 ٻارن کي مارڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگ??ي، معصوم ٻارن جي قتل سان اسرائيل پنهنجي جنونيت کي پورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان سان اسان جا پراڻا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. افغانستان ۾ است??ڪا?? خطي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ايمبيسڊر ڊاڪٽر رضا محمود شريڪ ٿيندڙ جي آجيان ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ڊائيلاگ ۾ شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر نگران وزيراعظم کي اداري جي تازي پبليڪيشن پيش ڪئي.