اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن مشنز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ملين رپين ۾ 93 ملين پرڏ??هي وزارت بابت هئا جن جي ريڪوري ڪئي وئي آ??ي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناهي ??وندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسرن جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. هن چيو ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي نوعيت جي هوندي آ??ي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ ا??ٽاف بابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏ??هي وزير فارن مشنز جي اسٽاف جون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ت?? ڪجهه مهينا اڳ پرڏ??هي ناڻي ۾ گهٽتائي جي ڪري پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.