اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ??ڏي??، اليڪشن ڪميشن کي اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ??ڏي??. عدالت تحريڪ انصاف سا?? تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري ??ڏي??. اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪور?? جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججز سا?? چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي ملاقات کانپپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران لاهور هاءِ ڪور?? جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.ڪالهه جمعي ڏينهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه بئنچ ۾ شامل هئا. عدالتي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وئي. اپيل تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آر اوز ڊي آر اوز بيوروڪريسي مان وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو، لاهور هاءِ ڪور?? جي فيصلي سا?? چونڊ عمل رڪجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هاڻي بئنچز جوڙيون وڃن ٿيون، منهنجي خواهش هئي ته موسٽ سينيئر ججز بئنچ ۾ شامل هجن. چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجازالاحسن مصروفيتن جي ڪري نه اچي سگهيو پوءِ اسان جسٽس سيد منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رٽرننگ آفيسرن جي لاءِ پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي فهرست ??ڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 ٿري تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪور?? جي حڪم کي نه مڃڻ مس ڪنڊڪٽ آهي، درخواست ??ئي لڳ?? به وئي، منع نامو جاري ڪرڻ وارو جج ئي لارجر بئنچ جو سربراهه بڻجي ويو، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت فيصلو معطل ڪري ??ڏي??. عدالت درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪري. سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي اليڪشن ڪميشن جي درخواست ??ي نوٽيس جاري ڪري ??ڏي??. عدالت اليڪشن ڪميشن جي اپيل باضابطا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.