اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ا??ائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري پڌرائي موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه جي ??عا??لن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگ??ان وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. نگ??ان وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ا??ائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگ??ان وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگ??ان حڪومت گذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگ??ان وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگ??ان وفاقي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگ??ان وفاقي وزير احمد عرفان اسلم، خيبرپختونخواهه جي نگ??ان وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي واري نگ??ان صوبائي وزير احمد رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگ??ان صوبائي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.