اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر ??ي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي ل??ءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??يد مبشر توقير شاهه چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي جي پونئيرن جي ل??ءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي ل??ءِ 15 لک رپين جي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??يد مبشر توقير شاهه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪئميره ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري ل??ءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد مبشر توقير شاهه احمد خان سولنگي ۽ ظفر علي جي اداري جي ل??ءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر ??و چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.