اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪ??تا?? پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهتو نه ڪندو، دهشتگردن خلاف ته پاڪ??تا??ي فوج وڙهي سگهي ٿي پر دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم جو سهڪار ضروري آهي. سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني، افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي جاچ تمام ضروري آهي، جاچ ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفريءَ جو شڪار رهندو آهي. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ پاڪ??تا?? نيشنل يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي تعبير جا امين آهن، پاڪ??تا?? جي مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهين?? کي مخاطب ٿي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪ??تا?? ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ سان هندن کان مختلف آهي، نه ئي اسان اولهه تهذيب ۽ تمد?? کي اختيار ڪريون، نوجوان?? کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن ۽ پنهنجي پاڻ تي بي پناهه اعتماد هئڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي نوجوان?? کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفري جو شڪار رهندو آهي. هن قرآن پاڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو. آرمي چيف چيو ته پاڪ??تا?? جي قيام جي رياست طيبه سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، ٻئي ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيون. الله تعاليٰ پاڪ??تا?? کي بي پناهه معدني وسيلن، زراعت ۽ نوجوان افرادي قوت جهڙين نعمتن سان نوازيو آهي، مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آسانيءَ ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي روشن مستقبل تي ڪامل يقين ۽ ابن ڏاڏن جي ميراث کي قائم رکڻ آهي. شاگردن خطاب دوران پاڪ??تا?? آرمي زندهه باد، پاڪ??تا?? زندهه آباد ۽ قائداعظم زندهه باد جا نعرا ل??اي??.