اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آ??يسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان پاڪستان ايڊورٽائيزنگ ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. پي آءِ ڊي پاران جاري پ??رائي موجب وفد ۾ پاڪستان ايڊورٽائيزنگ ايسوسيئيشن جو ??در جواد همايون، ايگزيڪيوٽو ميمبر نديم اڪبر، طارق محمود، شبير ملڪ، خادم حسين ۽ احمد علي شامل هئا. وفد ڪلاسيفائيڊ ايڊورٽائزمنٽ تي عملدرآمد تي پي آءِ او جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ واجب الادا ادائيگين جي معاملن تي پ?? خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پي آءِ او وفد کي ادائگين جا معاملا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان کي باضابطا ”ليٽر آف ٿينڪس“ پڻ پيش ڪيو.