اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجل??س طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجل??س طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آ??ي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آ??ي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آ??ي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪ??ڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجل??س طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجل??س طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجل??س طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.