بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي ??رد??ري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ ک??س پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي دولت آهي. هن چيو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکيو آهي. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي ترقي کي برقرار رکيو آهي. شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏ??ون تبديل??ون سامهون آهن ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي اسٽري??جڪ اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي. هن چيو ته هو پاڪ چين لاڳاپن جي ترقي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سدابهار اسٽري??جڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرش?? جي ترقي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قيد ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر ??رد??ري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.