اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان ترڪ سيڙپڪار وفد ملاقات ڪئي. ترڪ وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دورا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. ملاقات ۾ ترڪيه جو پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪار شريڪ هئا. ملاقا?? ۾ ??فاقي وزيرن م??مد اسحاق ڊار، خواجه م??مد آصف، احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. وفد پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.