اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف آزاد ڄمون ڪشمير جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي، ته اهي پنهنجي مطالبن جي حل لاءِ پرامن رستو اختيار ڪن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بحث مباحثو ۽ پرامن احتجاج جمهوريت جي خوبصورتي آهي، پر قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ کي برداشت نه ٿو ڪري ??گه??ي. هن ايڪس ٽائيم لائين تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته بدقسمتي سان افراتفري ۽ اخت??اف راءِ جي صورتحال ۾ هميشه ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي فوري سياسي پ??ائ??ٽ اسڪورنگ شروع ڪري ڏيندا آهن. هن وزيراعظم آزاد ڪشمير سان به ڳالهايو ۽ خطي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سمورن عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏجي پرامن حل تلاش ڪن. هن جو چوڻ هو ته مخالفن جي ڪوششن باوجود اميد آهي، ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.