ملتان – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گي??اني سان ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گي??اني جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گي?? چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ صدر آصف علي زرداري ??ون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وقتي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس ملتان راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي صدر آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ?? ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم گي??اني جي ڪاميابي تي يوسف رضا گي??اني کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي صدر سيد يوسف رضا گي??اني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ??يم??رن عبدالقادر گي??اني، علي قاسم گي??اني، صوبائي اسيمبلي ??يم??رن علي حيدر گي??اني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملتان مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.