اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي ??اڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي ??اڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي ??اڳاپن جي معاهدي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ت??جم??ن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سفارتي ??اڳاپا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پنهنجي سفارتي ??هچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.