بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل توانائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، منصوبابندي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي و??ير اويس احمد خان لغاري ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متبادل توانائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوالي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تحت پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام ب??تر ۽ لا??ين لا??ز کي گهٽ ڪيو ويندو.