سکر – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ڪچ?? جي ڏوهاري ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، ڪچ?? جي ماڻهن سان ڳالهين، ڏوهن جي روڪٿام ۽ علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪچ?? جي علائق?? جي قبائلي سردارن تي ٻڌل قومي جرڳو گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رياست آڏو هٿيار اڇلڻ تي راضي ڪچ?? جي ڏوهاري ماڻهن کي آهستي آهستي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ڪچ?? جي علائق?? جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪچ?? جي علائقن ۾ رستن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيحي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري سکر جي دوري دوران سنڌ ۾ سيڪيورٽي، امن امان جي صورتحال جي حوالي سان گهراي?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته رياست آڏو هٿيار اُڇلڻ تي راضي ڪچ?? جي ڏوهاري ماڻهن کي آهستي آهستي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ڪڌي ڏوهن ۾ ملوث ڪٽر ڏوهارين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ننڍي ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي بحالي ڪري ملڪ جو ذميوار ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻ گهرجي. صدر ڪچ?? جي علائق?? جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڪچ?? جي علائقن ۾ رستن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيحي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪچ?? جي علائق?? جي قبائلي سردارن تي ٻڌل هڪ قومي جرڳو گهرايو وڃي، جرڳو علائقي ۾ امن جي فروغ، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ مقامي آبادي سان ڳالهيون ڪندو، قومي جرڳو ڏوهن جي روڪٿام، علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ايم اين اي سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر، صوبائي وزير، وفاقي، صوبائي، رينجرز ۽ ملٽري عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ صدر کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. صدر پهرين مئ?? جي اجلاس دوران ڏنل هدايتن تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو. صدر کي بريفنگ دوران آءِ جي سنڌ پوليس ٻڌايو ته پوليس ۽ رينجرز جي موثر حڪمت عمل?? جي ڪري سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ڪچ?? جي علائقن ۾ ڏوهن ۽ تشدد ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو آهي، ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، گذريل ٻن مهينن دوران رستن تي ڪو ڏوهه رپورٽ نه ٿيو. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ٽارگيٽيڊ آپريشنز ۽ سمارٽ ڪئميرائون هڻڻ سان ڏوهارين تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي، ڪئميرائن جي مدد سان ڏوهارين ۽ انهن جي مددگارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ۾ مدد ملي آهي. ڊ?? جي رينجرز بريفنگ دوران ٻڌايو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز پاران 133 گڏيل آپريشنز ڪيا ويا، آپريشنز جي نتيجي ۾ سوين ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري پيشي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪچ?? جي ??خت??ف علائقن ۾ اضافي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صدر جي هدايت تي منشيات فروشن جي خلاف مهم تيز ڪئي وئي آه??، 308 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. صوب?? جي داخلي رستن جي نگران?? جي لاءِ سمارٽ ڪئميرائون هنيون پيون وڃن، صدر هدايت ڪئي ته صوب?? جي سيڪيورٽي چئلينجز، ضرورتون موثر طريقي سان پوريون ڪرڻ جي لاءِ پوليس فورس کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو، سنڌ پوليس کي جديد اوزار، هٿيار، مناسب انساني وسيلا، لاجسٽڪس مدد فراهم ڪري صلاحيت وڌائي وڃي. صدر هدايت ڪئي ته فرضن جي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پوليس اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، سنڌ پوليس ۾ عورتن جي شموليت جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنڌ پوليس جي شهيدن جي خاندانن ۽ ٻارن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي. صدر سڪرنڊ پوليس ڪمانڊ ۽ اسڪول جي اپ گريديشن، پوليس واري ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ زمين جي فراهمي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي چونڊيل شاگردن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي، صدر ڏوهن تي ضابطو آڻڻ، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت، پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.