لاهور – 09 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لا??ِ جامع موقف اختيار ڪرڻ ۽ دانشمنداڻي مالياتي پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي مختلف شعبن، خاص طور تي زرعي شعبي کي جديد رخن تي ترقي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هو پروفيسر وارث مير ميموريل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صحافين، تعليمي ماهرن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته ميڊيا ماڻهن کي انهن جو آواز بلند ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي، جڏهن ته ويجهڙ وارن سالن ۾ ميڊيا ۾ گروپ بندي پڻ ڏٺي وئي آهي. هن خبردار ڪيو ته دنيا ۾ هڪ مضبوط مذهبي لا??ي مسلمان معاشرن ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي لا??ِ تصورن کي منظم ۽ منفي طريقي سان پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو صحافت جي آزادي جو حامي آهي ۽ هن سدائين ميڊيا جي سخت تنقيد کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته معاشرن کي ايجنڊا تي ٻڌل معلومات جي خلاف محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته زندگي ۾ مشڪلاتن ۽ آزمائشن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته چئلينجز جي سامهون ثابت قدم رهڻ تمام ضروري آهي. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي جمهوريت جي لا??ِ سياسي جدوجهد ۽ قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي تاريخ دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ ۽ شهادتن سان لکيل آهي ۽ ان سدائين پاڪستان ۾ جمهوريت جي نصب العين جي لا??ِ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته قتل جي ڪوششن ۽ سياسي دٻاءُ اسان کي مشن تان نه هٽائي سگهي ڇو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. صدر مرحوم پروفيسر وارث مير جي جمهوريت ۽ صحافت جي لا??ِ خدمتن ۽ تعاون کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن فيصل مير ۽ حامد مير جي پنهنجي والد جي ميراث کي اڳتي وڌائڻ کي پڻ ??ار??هيو. سينيئر صحافي حامد مير سياسي انتقام جي ثقافت جي خاتمي ۽ 1973ع جي آئين کي ان جي اصل روح موجب اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيئر صحافي سهيل وڙائچ مرحوم پروفيسر وارث مير جي صحافت ۽ جمهوريت جي لا??ِ خدمتن کي ??ار??هيو. صدر جي سياسي حڪمت ۽ مفاهمتي ڪردار کي ??ار??هيندي هن چيو ته ملڪ کي سياسي مصالحت جي سخت ضرورت آهي ۽ صدر ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.