لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ڪالع??م تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنا?? ۽ ??حمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي لڳايل الزام ثاب?? ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالع??م تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عبدالحنا?? ۽ ??حمد موسيٰ خل??ف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالع??م تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.