اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقاف?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزي?? واري پيغام ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سردار ڪمال هڪ ??ظي?? فنڪار ه??، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سردار ڪمال جي لاڏاڻي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ ??ظي?? فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي. سردار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.