اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ج??عي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن ??ار??ياماني ۽ وا??ار?? لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ??ار??ياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن ج?? عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، ??ار??ياماني وفدن ج?? مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي ??ار??ياماني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽلي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگالي جي جذبن ج?? اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽلي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.