اسلام آب??د-09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مسجد نبو?? جي امام شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائيدار لاڳاپن جو مظهر آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا ڀائيچاري، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان امت ۾ اتحاد، يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن مسجد نبو?? جي امام شيخ ڊا??ٽر صالح محمد بن البدير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير محمد نواف بن سعيد المالڪي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، علي محمد خان، بئريسٽر گوهر علي خان، ملڪ عامر ڊوگر، مولانا فضل الرحمان، اسد قيصر، ڊا??ٽر طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا قومي اسيمبلي جا ميمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته مسجد نبو?? جي امام جي پارليامينٽ آمد اسان لاءِ مسرت ۽ برڪت جي گهڙي آهي، مسجد نبوي جو مسلمانن جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي. هن چيو ته ڊا??ٽر شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو ٻطرفي ڀائراڻ?? لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهي. مسجد نبو?? جي امام شيخ صالح بن محمد البدير چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت ملي اها ياد رهندي. هن چيو ته شاندار استقبال ۽ مهمانوازي تي پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالم اسلام جو هڪ اهم ملڪ آهي، مسلمان ملڪن ۾ اتحاد کي هٿي خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر جي درخواست تي مسجد نبو?? جي امام پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دعا ڪئي.