اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ۾ بي ايل اي جي 3 د??شتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪ??مياب آپريشن ڪري ڊپٽي ڪمشنر پن??گور ذاڪر علي جي شهادت جي ذميوار دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز باصلاحيت ۽ پروفيشنل آهن، قوم کي پن??نج?? بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن لاءِ محنت سان فرض نڀ??ئي رهيا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ عدم استحڪام جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين.