رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس ??هلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪ??ي وئي، شهيد پوليس ??هلڪارن جي جنازي نماز صادق شهيد پوليس لائينز ۾ ادا ڪ??ي وئي. پوليس ??ي شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو سيڪريٽري پنجاب نور الامين منيگل شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، عوام ۽ شه??دن جي رشتيدارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس ??هلڪار شهيد جڏهن ته 8زخمي ٿيا آهن، شهيد پوليس ??هلڪارن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 3 جوان به شامل هئا، پوليس ??ي چست جٿي شه??دن کي سلامي ڏني، جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ شه??دن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. شه??دن کي اباڻن علائقن ۾ مڪمل اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي شيخ زيد اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس ??وانن جي طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شه??دن جون عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان نه وينديون، وفاقي حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪندي. پوليس ??وانن جي شهادت پاڪستان لاءِ سانحو آهي، ان مڪروه فع?? ۾ ??لوث ڌرين کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد پوليس ??هلڪارن کي اعليٰ اعزازن سان نوازڻ جي سفارش ڪئي ويندي.