اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو م??گ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چيائو م??گ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدم??ن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. تقريب ۾ جنرل لي چيائو منگ جي چار ڏها??ن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان خدم??ن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شه??ت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم آهي. جنرل لي چيائو منگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدم??ن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل لي چيائو م??گ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.