اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي خاتون اول ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ج?? گهرواريءَ بيگم ڪلثو?? نواز جي ڇهين ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڀيڻ ڪلثو?? نواز جي لاڏاڻي جو ڏک اسان جو پورو خاندان نه ڪڏهن وسريو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن وساري سگهي ٿو. مادر جمهوريت ڪلثو?? نواز جي ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪلثو?? نواز بطور گهرواريءَ، ماءُ، ڀيڻ ۽ سياسي قائد، جرئت ۽ بهادري ۽ صبر ۽ استقامت جي نه وسارڻ جوڳي تاريخ لکي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي لاءِ هو هڪ فولادي ڍال هئي. آمريت جي خلاف سان قابل فخر ۽ يادگار تحريڪ سياسي تاريخ جو روشن باب آهي. اسلام، قرآن ۽ نبي اڪرم ﷺسان عقيدت ۽ محبت ڪلثو?? نواز صاحبه جو سڄي زندگي جو معمول رهيو. هو اوڀرندي جي روايتن ۽ قدرن جو پيڪر هئي، وڏن جو احترام، ننڍن سان شفقت ۽ سدائين دانائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ سندس شخصيت جو حصو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس درجا بلند فرمائي.