اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ??ولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي ??روغ جي ??اءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان باس گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي ٺوس ڳالهه ??ولهه ??وقعو ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.