اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي ??رڪمانستان جو دورو ڪندو. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ”وقت ۽ تهذيب جا گڏيل لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي ??المي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪندو، عالمي فورم جو انعقاد ترڪمانستان جي عظيم مفڪر، شاعر ۽ فلسفي مگتيمگلي فراگي جي 300هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيو پيو وڃي. بيان موجب فورم ۾ صدر آصف علي زرداري خطي جي لاءِ امن، اتحاد ۽ ترقي جي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪندو. اميد آهي ته هو فورم جي موقعي تي ??رڪمان قيادت سان ٻطرفيون مل??قا??ون پڻ ڪندو.