اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 50 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 م??يض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ??نا??ب جي لحاظ کان ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ ب??اولپور ۾ 41 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 798، اسلام آباد ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گلگت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ب??وچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.