اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) قومي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان پاڪستان ۾ مقرر ڊئنمارڪ جي سفير لس روزن هولم گذريل ڏينهن ملاقات ڪ??ي. وفاقي وزير ان کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڊئنمارڪ سان لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهيون. وفاقي وزير چيو ته ڊئنمارڪ ۽ـ پاڪستان وچ ۾ مستقبل ۾ هڪ مثالي لاڳاپا قائم ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي پرڏيهه مان صحيح سنئين سڌي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ۽ ڊئنما??ڪ کي سيڙپڪاري جي موقعن جي ڳولا آهي، ان جي حڪو??ت ڊيري جي شعبي ۾ قيمتن ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪئي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ ڊيري جي شعبي ۾ تمام گهڻي پيداواري صلاحيت موجود آهي، ڊئنمارڪ جي حڪومت کير کي ضايع ڪرڻ جي معاملي تي پڻ غور ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪولڊ اسٽوريج ۾ سيڙپڪاريءَ ??ي خواهش جو اظهار ڪيو.