اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين ل??ڳا??يل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ??اڊ??ز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مف??دن?? عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.