اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??يادت ۾ حڪومت عوام، سياسي پارٽين ۽ دانشور طبقي جو چونڊ عمل تي اعتماد وڌائڻ جي ??اءِ چونڊ سڌاراجاتي پئڪيج تيار ڪيو آهي، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ان بابت پنهنجو موقف واضح ڪن، چونڊ سڌارا پئڪيج جي ??اءِ حڪومت وٽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي پر چاهيون ٿا ته مخالف ڌر کي به ان عمل ۾ شامل ڪريون، مخالف ڌر جي سڄي زندگي پرچين جي سياست تي ??ذر?? آهي، ملڪي مفاد ۾ مخالف ڌر پرچين جي سياست کان ٻاهر اچي ۽ چنڊ سڌارن ۾ پنهنجو حصو وجهي. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ وزيراعظم جي ??ارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.